اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڪيو جيڪو 25 ڊسمبر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي ??سپ??ڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 هين صدي جو ع??يم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي علامت هو، ??سپ??ڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متوازي پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تن??يم کي اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿ?? پر پنهنجي عملي زندگي کي به بهتر بڻائي سگهون ٿا.