اسلام آ??اد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز هرنائي بلوچستان ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي ??خت مذمت ڪندي چيو آهي ت?? دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي حوصلي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرضن جي اد??ئي??ي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.