اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رو???? وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رو???? وائرس سبب 135 فوتگيون ٿيون جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 681 ماڻهن جا ڪ??رو??ا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض ??هن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رو??ا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، صوابي ۾ 95 سيڪڙو، چارسده ۾ 93 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض ??هن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 48 هزار 92 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 176، پنجاب ۾ 22 هزار 781، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 874، اسلام آباد ۾ 5 هزار 493، بلوچستان ۾ 1 هزار 230، گلگت بلتستان ۾ 535، آزاد ڪشمير ۾ 1 هزار 3 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 41 هزار 912 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 504 مريض ??هن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو ان?? 76 ??زار 757 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رو???? وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 34 هزار 423 آهي.