اسلام آباد ?? 19 ??ون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان مان آمريڪي خوج جي نڪرڻ کانپوءِ سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ آمريڪا کي پنهنجي سر??مي?? استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن آمريڪي ٽيليويزن کي هڪ انٽرويو ۾ چئي جيڪو اڄ آچر ڏينهن شام 6 وڳي نشر ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان ??ان ”ايگزياس آن ايڇ بي او“ ۾ جوناٿن سوان سوال ڪيو ته ڇا توهان آمريڪي حڪومت جي القاعده، آءِ ايس آءِ ايس يا طالبان جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي موجودگي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سر??مي?? تان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا اڏا ڏيڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حيران ٿي پنهنجو سوال ورجايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان اها ڳالهه سنجيدگي سان چئي رهيا آهيو جنهن تي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏ??و ته پاڪستان قطعي ط??ر ان جي اجازت نه ڏيندو.