اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي، ان صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي سياحت جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگ?? بلتستان ڪائونسل جي ٻارهين (12) سيشن جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪائونسل گلگ?? بلتستان ۾ عوام کي مواصلات جي بهتر سهولتن جي فراهمي جي غرض سان نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز سپيڪٽرم جي نيلامي جي ح??الي سان پاليسي ڊائريڪٽيو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ گگل?? بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع جي منظوري ڏني، گلگ?? بلتستان ڪائونسل جي 6 ميمبرن جي چونڊ گلگ?? بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع تحت ڪئي ويندي. ڪائونسل منهاس حسين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غذر، جي جج طور بئنڪنگ اينڊ ڪسٽمز ڪورٽ گلگ?? بلتستان مقرري جي منظوري ڏني، جناب منهاس حسين کي جج قومي احتساب ڪورٽ گلگ?? بلتستان جو اضافي جارچ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ايجنڊا جي باقاعده منظوري کانپوءِ وزيراعظم عمران خان گلگ?? بلتستان جي وڏي وزير کان تازين برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ رليف قدمن جي ح??الي سان بريفنگ ورتي، گلگ?? بلتستان ۾ سياحت جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ فروغ جي ح??الي سان به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي سياحتي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪ??ي وڃي ته جئين جتي سياحت کي فرُغ حاصل ٿئي اتي مقامي آبادي کي بهتر معاشي موقعا ميسر اچي سگهن.