اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان معيشت جي استحڪام لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳ?? واپاري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، پر ملڪ ۾ ر??زگ??ر جا موقعا پيدا ٿيندا، ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي جڏهن ته ملڪ جي سموري وڏن صنعت ۽ واپار جي ايوانن حڪومت جي ڪا??وب??ري دوست پاليسين ۽ ڪا??وب??ري ۾ آساني لاءِ کنيل قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪا??وب??ري برادري جي مشاورت سان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزي??اع??م عمران خان سان ملڪ جي وڏي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزي??اع??م ج?? واپار ۽ سيڙپڪاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزي??اع??م جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر کانسواءِ لاڳاپيل عملدار به موجود هئا، جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات واپار واري وزارت طرفان شروع ڪيل حڪومت ۽ ڪا??وب??ري برادري جي وچ ۾ تجويزن جي مٽاسٽا ۽ حڪومتي پاليسين تي آگاهي وڌائڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ملاقات ۾ وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جو صدر سان گڏوگڏ ڪراچي، لاهور، سرحد، ڪوئيٽا، گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، گجرات، ملتان، سرگوڌا، گوادر، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز جا صدر ۽ نائب صدر به موجود هئا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وزي??اع??م ۽ سندس معاشي ٽيم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود ملڪ ۾ ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري تقريبن 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ، وڏين صنعتن جي واڌ جي شره ۾ 15 سيڪڙو تائين اضافي، برآمدي صنعت لاءِ سهولتن ۽ رڪاوٽن جي ازالي، اسٽيٽ بئنڪ جي وچولي ۽ ننڍين صنعتن لاءِ م??اع??ن (جنهن ۾ مشينري لاءِ قرض شامل آهن) ۽ ڪا??وب??ري برادري کي ازبڪستان جي واپاري صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ انهن سان گڏ رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ ٽيڪس روينيو ۽ روانگي اوپار ۽ ٻاهرين ملڪن مان مٽاسٽا جو ناڻي ۾ اضافي تي وزي??اع??م کي مبارڪباد پيش ڪئي، شرڪت ڪندڙن وزي??اع??م کي پهريون ڀيرو ڪا??وب??ري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ انهن جون تجويزون سڌيون سنئيون ٻڌڻ جي ان قدم کي به ساراهيو ۽ ماضي ۾ ان طرح جي ڪنهن قدم جي موجودگي نه هجڻ جي ڪري حڪومت ۽ ڪا??وب??ري برادري جي وچ ۾ موجود ويڇي سان ملڪ ۾ ڪا??وب??ر جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو به ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته ڪا??وب??ري برادري ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزي??اع??م ملڪيم عيشت جي مضبوطي لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت برآمدات وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳ?? واپاري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو پر ملڪ ۾ ر??زگ??ر جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن، سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي. وزي??اع??م وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ انهن جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ باقاعدگي سان ملاقاتن جي هدايت جاري ڪئي، وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته سياحت جي صنعت جي ترقي لاءِ لائحه عمل، ز??اع?? جي ترقي لاءِ جامع ايگريڪلچرل پلان ۽ صنعتن کي م??اع??ون ۽ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، موجوده حڪومت صنعتڪارن ۽ ڪا??وب??ري برداري کي سهولتون فراهم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ڌيان هاڻي مشاورت سان مسئلن جي حل لاءِ ڪوششن تي ڏئي رهي آهي.