اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پناهگاهن جي معيار ۽ عوام جي لاءِ دستي??ب سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس پروگرا?? تحت ايندڙ 6 مهينن ۾ شروع ??ين??ڙ منصوبن تي به بريفنگ ڏني.