اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويسر جي بيماري ??ي شدت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري ??هي، انساني تعلق جو بنيا?? همدردي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائمر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پلان جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن جو محتاج نه بڻ??ي، عمر جي آخري ??صي ۾ انسان جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن چيو ته صحتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسيان جي بيماري ??ي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري ??هي. جسم جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي اهڙي طرح الزائمر سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذهني مشقن جي ذريعي بحالي ۾ مدد ملندي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مق??د لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال تعمير ڪيو. هن چيو ته ميڊيڪل جي تعليم ۾ موروثي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي مق??بلي ۾ خانداني نظام مضبوط آهي، خاندان جي بزرگن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خاندان کي الزائمر جي مريض بزرگن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري ??هي، انساني تعلق جو بنيا?? همدردي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انفراسٽرڪچر سان گڏوگڏ معاشري ۾ احساس پ??دا ڪرڻ ضروري ??هي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته معاشري ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بزرگن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، الزائمر جي شڪار مريضن جي وارثن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن مريضن جي سارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري ??هي، اهڙي طرح مريضن جي سارسنڀال ڪندڙن جي تربيت به ضروري ??هي، پنجاب جي صحت واري ??وبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي بزرگن جو خيال رکڻ اسان جي دين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن کي شامل ٿيڻ گهر??ي، الزائمر سوسائٽي پاڪستان جي صدر ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪيو.