اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته برطانوي عدالتن ريحام خان کي ذل??ي بخاري تي ڪوڙن الزامن تي هرجاڻي ۽ مع??في گهرڻ جو حڪم ڏنو، اهڙي طرح جو قانوني نظام پاڪستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش کي ا??ها?? راءِ جي آزادي جي خلاف چئي ميڊيا مالڪ مهم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بحرحال ريحام جو ڪوڙو هجڻ هڪ دفعو ٻيهر ثابت ٿيو، اصل ۾ هو عادي ڪوڙي آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ريحام خان کي ان ٽوئيٽ جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ريحام خان ذل??ي بخاري تي لڳايل الزامن تي مع??في نامو شيئر ڪيو، پنهنجي مع??في نامي ۾ ريحام خان چيو ته مون 6 ۽ 7 ڊسمبر 2019ع تي پنهنجي يوٽيوب چئنل، فيس بڪ پيج ۽ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ذوالفقار عباس بخاري تي روز ويلٽ هوٽل کي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان الزام لڳايا هئا جيڪي غلط ۽ ڪوڙا هئا. ريحام خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 7 ڊسمبر 2019، 15 مارچ 2020ع، 17 مارچ 2020ع ۽ 23 مارچ 2020ع تي ذل??ي بخاري تي لڳايل الزامن تي به چيو ته اهي غلط ۽ ڪوڙا هئا. هن ذل??ي بخاري تي لڳايل الزامن تي غير مشروط مع??في گهري ۽ هتڪ عزت ۽ قانوني خرچن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.