اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ افغانستان جي ??ڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو. ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ افغانستان جي ??رڏيهي وزارت جي سينئر عملدارن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. وزيرا??ظم جي افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڪامرس سيڪريٽري صالح احمد فاروقي، پي آءِ اي چيئرمين ايئر مارشل (ر) ار??د ملڪ، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، ڪسٽمز، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري دوران افغانستان جي عبوري وزيرا??ظم ملا حسن آخوند، پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪندو، انهن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن، گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ??ختلف طريقن تي غور ويچار ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير ٻين افغاني اڳوا??ن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ افغان اڳواڻن کي افغانستان ۾ امن ۽ امان جي ??يام ۽ آئنده جي ??ائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي ??وقف کان آگاهه ڪندو.