اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي ڪاروباري ادارن تي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، ٽ??لي ڪميونيڪي??ن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، نامزد سف??ر پنهنجي ملڪن جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش م??زل طرف متوجهه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان، ناروي، پولينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪيو. جاپان جي نامزد سفير مٽسوهيروواڊا،ناروي جي نامزد سف??ر پير البرٽ لساس، پولينڊ جي نامزد سفير ماسيج پسارسڪي ۽ ڪمبوڊيا جي غير مقيم نامزد سفير انگ سين صدر مملڪت کي تقريب ۾ پنهنجون پنهنجون سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ٻطرفي واپار ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، دوست ملڪن سان واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت اهي، هن چيو ته غير ملڪي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، زراعت، آءِ ٽي، ٽ??لي ڪميونيڪي??ن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. صدر چيو ته نامزد سف??ر پنهنجي ملڪ جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش م??زل طرف متوجهه ڪن. هن سفيرن کي پاڪستان جي ڪورونا جي خلاف سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. صدر افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو. صدر نامزد سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفير سياسي، تجارتي، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.