اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها ??فغ??نستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي، ??فغ??نستان ۾ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسي?? عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايران جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي ??فغ??نستان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ??فغ??نستان ۾ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته غيرمعمولي اجلاس سا?? اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي ??فغ??نستان جي مدد جو موقعو ملندو. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ??فغ??نستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزيراعظم عمران خان دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ايران خاص طور تي سپريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسي?? عبدالله ??فغ??نستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراهيو. هن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.