اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ت??جمان آهي، ساڍا 13 سال?? کان پيپلزپارٽي سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪ??و. ??ملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق سنڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي سنڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي اسپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها سنڌ آهي جتان جا چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ايتري ??رپشن ڪئي جو اتان جا چوها به دلير ٿي ايتري ??ڻڪ کائي ويا، سنڌ جي خوراڪ واري وزير جي اسيمبلي فلور تي بيهي اربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف تي بلاول جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقوق سنڌ مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان شروع ٿيندڙ سنڌ حقوق مارچ مختلف ضلع?? کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.