اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته مخالف ڌر گهٻرائٽ جو شڪار آهي، فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ زرد??ري اسان جي ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙي لوٽاڪريسي کي عوام سختي سان رد ڪ??و آهي، وزيراعظم عمران خان نه اڳ ۾ بليڪ ميل ٿيو هو ۽ نه هاڻي ٿيندو، وزيراعظم جا تازا جلسا ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته عوام ان تي مڪمل اعتماد ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ڪور ڪميٽي وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪ??و آهي، ڪور ڪميٽي ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال، خاص طور تي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا، ان کانسواءِ اسان جي سياسي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته بي اعتمادي رٿ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ٿي آهي. بي اعتمادي رٿ ستل شينهن کي اٿ??ري ڇڏ??و آهي. اڄ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن عمران خان جي ڪال جا منتظر آهن. هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ڪڏهن بليڪ ميل ناهي ٿي، ٽن ڄڻن جي ٽولي جو اهو آخري حربو هوندو، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان چوڌري شجاعت حسين کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، ??سل?? ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪ??و آهي. س??ئي اتحادي اسان سان گڏ رهندا، حڪومت، سياست ۽ مستقبل اسان وٽ آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ثابت ٿي و??و آهي ته ملڪ ۾ واحد وفاقي پارٽي تحريڪ انصاف آهي، عمران خان واحد وفاق جو اڳواڻ آهي، انهي جي ڪري مخالف ڌر جون ڪانپين ٽانگ رهيون آهن، مخالف ڌر اسان جو مقابلو ڪرڻ کان پهرين عوامي ريفرنڊم ڏسي وٺي، ماڻهو ڪٿي بيٺل آهن، فضل الرحمان، شهبازشريف ۽ زرد??ري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام اهڙي طرح جي لوٽاڪريسي کي سختي سان رد ڪري ڇڏ??و آهي، اسان جي جن ميمبرن کي آڇ ڪئي وئي انهن پارٽي ۾ اچي اسان کي ٻڌايو، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته سڄي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند هئي، اڄ ملڪ ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي آهي، صحت ڪارڊ سان ماڻهن کي صحت جون سهولتون ميسر آيون آهن. تعميراتي شعبي ۾ ترقي ٿي آهي. تحريڪ انصاف رڪارڊ سڌارا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن چيو ته اسان جو مقابلو انهن ماڻهن سان آهي جن جي دولت ٻاهرين ملڪ پيل آهي. آصف زرداري، نواز شريف ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن کي ڊپ آهي ته ڪٿي انهن جي ٻاهرين ملڪ دولت ضبط نه ٿي وڃي، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اڄ آزاد پرڏيهي پاليسي تي گامزن آهي. اڄ پاڪستان کي ڪير ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، اسان جي خواهش آهي ته اهڙو شيڊول جوڙيون جو او آءِ سي اجلاس متاثر نه ٿئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي رستي تي گامزن آهي، تحريڪ انصاف جي اوورسيز ڪنوينشن ۾ پوري دنيا کان پاڪستانين شرڪت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد صاحب اسان جو اتحادي آهي، ڪالهه هن پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ??سل?? ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبرن جي خواهش آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. اجلاس گهرائڻ جو فيصلو اسپيڪر کي ڪرڻو آهي چاهيون ٿا ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو شيڊول او آءِ سي ڪانفرنس سان ٽڪراءُ ۾ نه هجي، انهن مشڪرن جي اها آخري راند آهي، اڳئين چال اسان هلنداسين، اطلاعات و??ري وفاقي وزير صحافين جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو اهڙو ميمبر نه آهي جيڪو ان موقعي تي عمران خان سان غد??ري ڪندو. اسان جي هڪ ميمبر کي 16 ڪروڙ ۽ هڪ کي 20 ڪروڙ روپين جي آفر ڪئي وئي، هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪو به ناراض نه آهي، گلا شڪوه ٿيندي رهندي آهي، پر سڀ گڏ آهيون، توهان مخالف ڌر کي هٿ مهٽيندي ڏسندا.