اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي صدر ار??لاوان ڊيرلين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يورپي ڪميشن جي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪميشن جي پاڪستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائ?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مبارڪباد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي ا??مي?? ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن ۽ ا??ن، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي ا??مي?? کي اجاگر ڪيو. هن جي ايس پي پلس انتظامن کي ساراهيو ۽ ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ گڏيل فائديمند اسڪيم هج?? جي ناطي ان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ار??لاوان ڊيرليين جي يورپي يونين ڪميشن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? جي عزم تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر کي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي تيز ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائ?? جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.