اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??دايت ڪئي آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيل مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، ان لاءِ طريقيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه عطا مري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي وزارت جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي بل??چس??ان جي دوري دو??ان مستحق ماڻهن جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شموليت ۽ شاگردن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ وظيفا ۽ والدين کي امداد جي اعلان تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان گذريل حڪومت پا??ان بنا ڪنهن تحقيق جي ڪڍيل 8 لک 20 هزار ماڻهن لاءِ اپيل جي مجوزه طريقيڪار تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ت?? بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍيل ماڻهن جي ٻيهر شموليت لاءِ اپيل جو طريقيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي، هن هدايت ڪئي ته اهڙا مستحق ماڻهو جيڪي بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيا ويا، انهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي.