گوا??ر ?? 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپر??س وي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ سميت مختلف منصوبن جي پيڙ??ه جو پٿر رکيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع وارو وفاقي وزير خو??جه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پانگ چن زي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم گوادر ايسٽ بي ايڪسپر??س وي منصوبي جو افتتاح ڪيو. جن منصوبن جي پيڙ??ه جو پٿر رکيو ويو انهن ۾ چائنا ايڊ پاران پاڪستان ۾ گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ، جنگٽال گوادر پرائيويٽ لميٽيڊ، هينگ مي ليبريڪينٽس پلانٽ، هين گينگ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ، هوافا گوادر ايڪسپو سينٽر، 3000 هائوس هولڊ سولر پينل گوادر فرٽيلائيزر پلانٽ شامل آهن.