اسلام ??با?? – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??فغ??نستان ۾ زلزلي سبب قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم چيو ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ پنهنجي ??فغ??ن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون، زلزلي سبب پڪتيڪ?? جي علائقي ۾ فوتگين تي دلي افسوس آهي، هن چيو ته پاڪستان ??فغ??نستان جي عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جا??ي ڪيون ويون آهن، وزيراعظم شهباز شريف زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ مغفرت ۽ سندس پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو.