اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چ??و آهي ته اسان پاڪستان کي وسيع سيڙپڪاري جي ذريعي ايشيا جو صنعتي مرڪز بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم شهباز شريف سان رائل نووا پرائيويٽ لميٽيڊ جي باني شاهه ۽ چيئرمين جي صلاحڪار شيخ خالد محمد سلمان الخليفه بحريني ڪمپنين جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ بحريني وفد جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن خاص طور تي صحت، سياحت، هوٽل، مهمان نوازي، هائوسنگ، زراعت، خوراڪ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موجود سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان خطي ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ، نوجوان آبادي، هنرمند افرادي قوت، بي شمار قدرتي وسين ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي ڪري سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي جڳهه آهي. بحريني وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي شمار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ هن ايندڙ 6 مهينن ۾ هوٽ?? اينڊ هاسپيٽليٽي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي شروعات جو اشارو ڏنو. ان کانسواءِ هن زراعت، ماهيگيري ۽ ڪنسٽرڪشن جي شعبن ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪرن جي لاءِ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سمور?? لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي بحريني سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ سمورا وسيلا بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاق?? وزير چوڌري سالڪ حسين، واپار واري وفاق?? وزير سيد نويد قمر، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاق?? وزير عبدالواسع، منصوبابندي واري وفاق?? وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.