اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان افغانست??ن ۾ شديد زلزلي جي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان افغانستان جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو آهي. تر??ما?? پنهنجي بي??ن ۾ وڌيڪ چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران کيپ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ خيما، ڪمبل ۽ هنگامي دوائن تي ٻڌل سامان شامل آهي. پاڪستان افعانستان جي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ 6.1 شدت جي زلزلي کان متاثر افغان خاندانن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي ??اط??ي ڪرائي آهي.