??سل??م آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جو اج??اس ??سل??م آباد ۾ ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پونڇ ۽ ڊوڊا جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڪشمير ميديا سروس موجب ڀارتي فوجين 2 آگسٽ 1998ع تي پونڇ جي علائقي سيالان ۾ هڪ ئي خاندان جي 19 ماڻهن کي رات جي اونداهي ۾ گوليون هڻي شهي?? ڪيو ويو هو. ڀارتي فوج جي 9 راشٽريا رائفلز ۽ ڳجهي ايجنسي ”را“ جي اهلڪارن گڏجي هڪ ئي خاندان جي 19 بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو جن کي اڄ تائين انصاف نه مليو. ان خاندان ج?? ڏوهه اهو هو ته انهن جو پٽ هڪ حريت پسند هو. انهي هفتي 25 جولاءِ تي ڊوڊا ضلعي جي علائقي ڪوٽال ۾ هڪ ئي خاندان جي 5 ماڻهن کي اڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ گوليون هڻي شهي?? ڪيو ويو هو جن ?? ٽي عورتون هڪ مرد ۽ هڪ ٻار شامل هو.