اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيد?? ڪرڻي پوندي، سوشل ميڊيا جون بااثر شخصيتون ڪينسر جي وقت سر تشخيص ??ي لاءِ باقاعدگي سان جسماني معائنو ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان سوشل ميڊيا جي بااثر شخصيتن سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا آگاهي پيد?? ڪري بريسٽ ڪينسر جي ڪري موت جي شرح گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص ??ان 99 سيڪڙو مريضن کي بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جا واقعا ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سمورن مريضن کي ڪلينڪل اسڪريننگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جا وسيلا نه آهن. هن چيو ته عورتون باقاعدگي سان پنهنجو جسماني معائنو ڪن، سيني يا ان جي ڀرپاسي ۾ گلٽي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صحتمند طرز زندگي اختيار ڪري بريسٽ ڪينسر جي واقعن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ب??يسٽ ڪينسر کان بچڻ جي لاءِ ڀاڄين ۽ ميون سميت متوازن غذا جو استعمال ڪرڻ گهرجي، سگريٽ يا شراب نوشي ۽ ٻي منشيات کان پرهيز ڪن، ب??قاعدگي سان ورزش ڪن. صدر چيو ته عورتن کي مالي ۽ اقتصادي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ، معاشري ۽ عوامي جاين کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي، هراسگي کان پاڪ ماحول عورتن کي ملڪي سماجي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته سوشل ميڊيا جون بااثر شخصيتون ننڍن شهرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي ڦهلائڻ جي لاءِ تخليقي ذريعا استعمال ڪن، اسلامي تعليم موجب عورتون پنهنجي ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائين کير پيارين، صحت جي عالمي اداري موجب شروعاتي 6 مهينن دوران ٻارن کي پاڻي يا ٻي خوراڪ تائين نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري کان بچاءُ جي لاءِ پهرين هزار ڏينهن دوران ماءُ ۽ ٻار جي لاءِ مناسب غذائيت ضروري آهي، پاڪستان ۾ ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري جو تناسب اٽڪل 40 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته سوشل ميڊيا بيگم ثمينه علوي جي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيد?? ڪرڻ جي ڪوششن جو ساٿ ڏي، بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن سان شروعاتي مرحلن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي رپورٽنگ جي شرح ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جلد تشخيص ??ان صحت جي نظام تي بار گهٽ پوندو، مهانگي علاج کان بچڻ ۾ مدد ملندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي پڻ سوشل ميڊيا جي بااثر شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي واقعن تي ضابطو آڻڻ ۽ گهٽ ڪرڻ جو واحد طريقو جلد تشخي?? آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ وزيراعظم، ايم اين ايز، ايم پي ايز، ميڊيا ۽ سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪ??مر?? کي خط لکيا آهن. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيد?? ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.