اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي ??ين??ئر اڳ??اڻ چوڌري شجاعت حسين اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عو??م جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ??ين??ئر اڳ??اڻ چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??لاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عو??م جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. ملاقات دوران مسلم ليگ (ق) جي اڳ??اڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، قانون وارو وفاقي وزير ??ين??ٽر اعظم نذير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.