اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۽ جدت ??ڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت مو??ود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز واه جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر کي پاڪستان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته جديد ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري ۽ انساني وسيلن جي سگهه مسلسل اضافي سان ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر چيو ته مو??وده منڊين ۾ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ چين سپلائي جي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ضروري آهي. پاڪستاني دفاعي مصنوعات اعليٰ معيار رکندڙ، مو??ر، مختلف حالتن ۾ قابل اعتماد ۽ گهٽ قيمت آهن. صدر پاڪستان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستاني فوج ۽ ٻين ??يڪ??ورٽي ايجنسين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ فيڪٽري جي ڪردار کي ساراهيو. صدر آرڊيننس فيڪٽري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي هن کي پيداواري عمل تي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف عل??ي تيار ڪيل ۽ ڊسپلي تي مو??ود مختلف دفاعي مصنوعات ۾ گهري دلچسپي ورتي.