اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي شديد ترين ما????لي??تي تبديليون درپيش آهن، تازي ??وڏ ۽ برساتن سان مل?? جو اڪثر حصو پاڻي هيٺ آهي، معاشي بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوپ – 27 ما????لي??تي تبديلي جي اثرن، نقصانن ۽ بحالي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، ما????لي??تي تبديلي جي نقصانن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ تازي ??وڏ پڻ موسمياتي تبديلي جي ڪري آئي. هن چيو ته ما????لي??تي تبديلي کي منهن ڏيڻ، خطرن کان بچڻ ۽ بحالي جي لاءِ پوري دنيا جي ملڪن ک?? گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ??وڏ ۽ قدرتي آفتون درپيش آهن، ??وڏ جي ڪري پاڪستان کي شديد جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي ما????لي??تي تبديلي جي ڪري ايندڙ ??وڏ سان تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اها ما????لي??تي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جو حل ڳولي.