اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سريلنڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڌ کان وڌ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، جن کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن وقت سريلنڪا جا 20 سينيئر سول سرونٽس اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ريليشنز، پيس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، پبلڪ پاليسي ليڊرشپ ۽ مئنيجمينٽ بابت ٻن هفتن جي تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي خطاب ڪن??ي صد?? بيوروڪريسي تي زور ڏنو ته ??هي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، نظام جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ تيز رفتار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تي ڌيان ڏين. هن چيو ته ??س??ند?? ملڪن کي تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ تيز فيصلا ڪرڻ گهرجن. صد?? چيو ته ??يورڪريٽس ۽ سياستدانن کي اڀ??ند?? ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي لاءِ فڪري رستا ٺاهڻ جي لاءِ وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ??ه فڪري برتري قومن کي عظيم بڻائيندي آهي. رياستن کي علمي معيشتن کي ترقي ڏيڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ??س??ند?? ملڪ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏئي ۽ سازگار ڪاروباري پاليسيون اختيار ڪري تيز رفتار اقتصادي ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا. صد?? اس??ند?? ملڪن بابت اهڙن مالي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مالي طور تي وڌيڪ نظم ۽ ضبط اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي به روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته ??راب معاشي فيصلن جو خميازو اڪيلي عام ماڻهو تي نه ٿو وجهي سگهجي ۽ اشرافيه کي به ملڪ جي بهتري لاءِ بار ورهائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ??ه فيصلاسازن ۽ بيوروڪريسي کي ماڻهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد جي لاءِ پنهنجا رويا ۽ ذهنيت تبديل ڪرڻي پوندي. علائقائي تعاون بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي صد?? ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ??ن سان خطي جي ماڻهن ۾ وڌيڪ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته ??س??ند?? ملڪن کي عالمي پولرائيزيشن کان پري رهڻ گهرجي ۽ خواندگي، صحت، موسمياتي تبديلين، گلوبل وارمنگ ۽ علائقائي تعاون کي بهتر بڻائڻ جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٽريننگ ۾ شرڪت ڪن??ڙ دوست ملڪن جي سول سرونٽس کي تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس هن وقت هڪ ايگزيڪيوٽو ٽريننگ پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سول سرونٽس ۽ اڪيڊمين جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سول سرونٽس کي جديد علم ۽ ٽيڪنڪ فراهم ڪرڻ آهي ته ??يئن سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.