اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ انهن شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وڏ?? صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪرس هولڊ?? جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪ?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن 9 جنوري 2023ع تي پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن تي صحيحون ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته پنجاب ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي راغب ڪرڻ جي وڏ?? صلاحيت آهي جيڪا ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. هن اميد ظاهر ڪ??ي ته وفد جو دورو پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻين اسيمبلي ميمبرن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. صدر ٻنهي ملڪ?? جي يونيورسٽي?? جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ شاگرد?? جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم جي شعبي ۾ تعاو?? جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر تجويز ڏني ته آمريڪي يونيورسٽيون پاڪستاني شاگردن کي لائيو ليڪچر فراهم ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن کي سم??جي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي. هن وفد کي بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو جيڪا پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آمريڪي وفد زراعت جي شعبي بابت ٽيڪنالاجي جي منتقلي سميت زراعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ سان گڏوگڏ تعليمي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا جي پروگرامن تي پڻ زور ڏنو. وفد موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد اهو به ٻڌايو ته ڪيليفورنيا ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو وڏ?? انگ موجود آهي جيڪي ا?? جي ٽرانسپورٽ ۽ زراعت جي شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.