اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان مان پاڪستاني?? جي محفوظ انخلا جي عمل جي شروعات ٿي وئي. پرڏيهي آفيس موجب 500 پاڪستاني?? تي ٻڌل پهريون قافلو خرطوم مان نڪري سوڊا?? جي بندرگاهه پهچي ويو آهي جيڪو سامونڊي رستي ذريعي جده ويندو. جده مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ پاڪ فضائيه جي معاونت سان پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڦاٿل پاڪستاني?? جي عارضي رهائش ۽ خوراڪ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ هنگامي رابطي جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار ڦاٿل پاڪستانين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. بلاول ڀٽو زرداري لاڳاپيل عملدارن کي سوڊان مان پاڪستاني?? جي انخلا جي عمل کي فوري طور تي محفوظ طور تي سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستاني?? جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل کي متحرڪ ڪر?? ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستاني?? جي حفاظت سان واپسي بابت پرڏيهي وزارت جي عملدارن پاران روزانو بريفنگ ڏني پئي وڃي. پرڏيهي وزير سوڊان مان پاڪستاني?? جي انخلا کي ممڪن بڻائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان ۾ سوين پاڪستاني?? جي انخلا جي معاملي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عيد جي ڏينهن ۾ متحرڪ رهيو. بلاول ڀٽو زرداري سوڊان مان پاڪستاني?? جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان سعودي عرب ۾ پنهنجي هم منصب سان پڻ رابطي ۾ رهيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سوڊان مان پاڪستاني?? جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان مدد تي ترڪيه ۽ مصر جي حڪومتن جا پڻ ٿورا مڃيا.