پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولا وان ڊيرليين سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات نئين عالمي م??لياتي م??اهدي بابت سربراهي اجلاس جي ??وقعي تي ٿي. وزيراعظم هلندڙ سال 9 جنوري ي جنيوا ۾ منعقد ”ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس“ ۾ شرڪت تي يورپي ڪميشن جي سربراهه جا ٿورا مڃيا. هن يورپي ادارن سان گڏجي ??وڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ??چ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي آجيان ڪندي يورپي ڪميشن جي سربراهه کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. جي ايس پي پلس جي اهميت جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان جي ??ريڪ تي هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. يورپي ڪميشن جي صدر 2022ع جي ??وڏ کان بحالي جي ??اڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. هن جي ايس پي پلس سميت يورپي يونين ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ جاري تعاون جي سطح کي سارا??يو.