اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي وقوف عرفه جي باسعادت موقعي تي مناسڪ حج جو اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته هن برڪتن واري ڏينهن هر مسلمان وچن ڪري ٿو ته الله تعاليٰ جي زات جي حڪمن جي بجا??ور?? جي لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وقتي صدر چيو ته قرباني جو جذبو ان وچن جي به تائيد آهي جنهن جو حضرت ابراهيم عه اعلان ڪيو هو، حج اسلام جو اهم رڪن آهي. هن چيو ته اسان کي گهرج?? ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪريون، مسلمان امت کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. هن حاجي سڳورن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعا جي پڻ اپيل ڪئي. وقتي صدر حج جي لاءِ بهترين ??نتظام ڪرڻ تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. سينيٽ جي وقتي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ حاجي سڳورن ۽ سموري مسلمان امت کي باسعادت موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.