اسلام آباد – 07 –جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حوالدار ??ال?? جان شهيد (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو جيڪو لازوال داستان لکيو، ان کي سدائين ياد رکيو ويندو. حوالدار ??ال?? جان شهيد (نشان حيدر) جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قو?? حوالدار ??ال?? جان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته قوم جي ان فرض شناس ۽ بهادر فرزند ملڪ جي دفاع ل??ءِ بهادري ۽ جرئت جي اها لازوال داستان لکي جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پاڪستان ج?? دهشتگردي جي خلاف جنگ هجي يا ٻاهرئين جارحيت جي خلاف ملڪ جي دفاع جو معاملو، اسان جي غازين سدائين پيشيواراڻي مهارت ۽ جوانمردي ۽ اسان جي شهيدن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري قومي نظريي، ملڪي سالميت ۽ اسان جي آزادي جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حوالدار ??ال?? جان شهيد سميت سمو??ن شهيدن جا درجا بلند فرمائي.