اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طا??ق فضل ??وڌري جي جوان پٽ جي حادثاتي موت جي ناقابل بيان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طا??ق فضل ??وڌري جي جوان پٽ جي ڪار حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي ڏک ٿيو آهي. والدين جي لاءِ ٻارن کي وڃائڻ کان وڌيڪ دل کي ڌوڏيندڙ ڪا شيءَ ناهي هوندي. ناقابل بيان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجي دل چوڌري طا??ق فضل ۽ سندس سوڳوار خاندان سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته ال??ه پاڪ مرحوم جي روح کي سڪون ڏي.