اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحادي حڪومت جي فور آر فريم ورڪ تحت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن گذريل ڏينهن عالمي پارٽنرز سپورٽ گروپ جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري بحالي ۽ نئين سر تعمير جو جائزو ورتو ويو. گروپ جو اجلاس جيڪو جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس کانپوءِ جوڙ??و ويو هو، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي هڪ سال جي موقعي تي منعقد ڪ??و ويو. ان ٻوڏ پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي تقرير ۾ مون ريزيليئنٽ، ريڪوري، ري هيبلي ٽيشن اينڊ ري ڪنسٽرڪشن فريم ورڪ (فور آر ايف) تحت ٻيهر بهتر بڻائڻ جي لا??ِ مخلوط حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مون س??ني عالمي ترقياتي عطيو ڏيندڙن، ??صيدارن ۽ دوست ملڪن کي انهن جي وقت سر ۽ فراخدلاڻي امداد تي ساراهيو ۽ انهن کي عالمي شهرت جي ٽئين ??ر جي ذريعي آڊٽ ڪندڙ غيرملڪي امداد جي شفاف ۽ موثر استعمال جو يقين ??ياريو. هن چيو ته آئون يو اين ??ي پي جا پڻ ٿورا مڃان ٿو جنهن حڪومت ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ بهترين هم آهنگي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو.