اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم شهداءِ پوليس جي ڏهاڙي جي م??قعي تي م??ڪ جي فرض شناس فرزندن ک?? خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، جن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ شهادت ماڻي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگ??دي جي جنگ جتي پاڪ فوج جون لازوال قربانيون آهن، اتي پوليس جي جوانن پڻ هر موقعي تي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. وزيراع??م محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ جي انهن سمورن پٽن، ڌيئرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي پنهنجي م??ڪ جي خدمت تي سلام پيش ڪريون ٿا.