اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ان پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي ??ي باقاعده شروعات سڀاڻي جمعي کان ٿيندي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دستياب هونديون. تفصيلي بيان موجب وزيراعظم پا??ان ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪلوگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪلو تي خصوصي رعايت ڏني ويندي. ان سبسڊي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ??جس??رڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کان گهٽ آهي، سبسڊي ح??صل ڪرڻ جا اهل آهن، ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ به بي ??ئي ايس پي جا خصوصي ??جس??ريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.