لنڊن – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي موقعي ??ي جميڪا جي تعليم ۽ يوٿ واري وزير مارشا سمٿ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن نوجوانن جي ترقي جي گڏيل موقعن جي ڳولا ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ت?? پڻ اتفاق ڪيو.