اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ انڊيا اسٽيڊي سينٽر ڄمون ڪشمير لاءِ او آءِ سي سيڪريٽري ج??رل جي سياسي معاملن واري خصوصي نمائندي ج?? اسسٽنٽ سيڪريٽري ج??رل يوسف الدوبي سان هڪ گول ميز مباحثي ج?? ميزباني ڪئي. آءِ ايس سي ج?? ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خرم عباس وفد جي آجيان ڪندي ڄمون ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي او آءِ سي ج?? مسلسل حمايت جو ذڪر ڪندي چ??و ته او آءِ سي ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ سدائين مضبوط آواز اٿاريو آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳوڻي ڪنوينر غلام محمد صفي، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزير فرازانه يعقوب، ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي چيئرمين الطاف حسين واني، اڳوڻي سفير ۽ اڪيڊمڪس آءِ پي ايس جي وائيس چيئرمين سيد ابرار حسن، تعليمي ماهرن ۽ يونيورسٽي جا شاگرد شامل هئا. اڳوڻي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي ج?? آءِ ايس ايس آءِ سهيل محمود وفد جي آجنيا ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀر??و ته پاڪستان او آءِ سي ج?? باني ميمبر جي حيثيت سان ڪهڙي طرح اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، فلسطين جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي ايمبيسڊر سهيل محمود چ??و ته فلسطين ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا 2 قديم ترين تڪرار آهن، ٻئي تڪرار خود اراديت جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق بابت آهن ۽ ٻنهي قابض طاقتن جي هٺ ڌرمي سبب حل طلب آهن، هن چ??و ته او آءِ سي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي مسلسل ۽ واضح حمايت ڪئي آهي، ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ڪندي هن خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڀر??و ته دنيا ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي ج?? آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ ناپاڪ ڊزائين لاڳ?? ڪرڻ کي ڏسي رهي آهي ج??ڪا عالمي قانونن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهي. هن وفد تي زور ڀر??و ته هو ڄمون ڪشمير تي او اءِ سي ج?? ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري ج??ڪو اسلام آباد ۾ مارچ 2022ع ۾ پرڏيهي وزيرن جي 48 هين ڪائونسل دوران منظور ڪيو ويو هو ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي ج?? قراردادن کي وقت سان گڏوگڏ منظور ڪيو ويو هو. خاص نمائندي يوسف الدوبي ان ڳالهه تي زور ڀر??و ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حوالي سان بيداري پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ج??هن سان سڄي دنيا ۾ مسلمانن جو تعلق آهي. هن ڪشمير ڪاز لاءِ او آءِ سي ج?? مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چ??و ته او آءِ سي ڪڏهن به ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ڀارت جي غير قانوني قدمن جي حمايت ناهي ڪئي. هن او آءِ سي ج?? مطالبي کي ورجا??و ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي واپس ورتو وڃي. شرڪت ڪندڙن ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي فعال طريقي سان پيروي ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. آءِ ايس ايس آءِ جي چيئرمين ايمبيسڊر خالد محمود ڄمون ڪشمير جي ماڻهن لاءِ او آءِ سي ج?? تاريخي ۽ ثابت قدم حمايت کي ساراهيندي سيشن جي پڄاڻي ڪئي.