اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته ايندڙ عام چ??نڊ??ن آزاداڻيون، منصفانيون، شفاف ۽ جامع ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ جم??ور??ت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن، جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي پسند جا ليڊر چونڊ نه ڪري سگهي ته جم??ور??ت بي مع??يٰ ٿي وڃي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد علي دراني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته مع??شت سميت سمورن ممڪن محاذن تي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ سياسي، اداراجاتي ۽ ٻين ڌرين جي اتحاد جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته تلخيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ تعاون ۽ درگزر جو رستو نڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مشڪل فيصلن جي لاءِ عوام جي حمايت ۽ انهن جي حصيداري گهربل هوندي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ عام چ??نڊ??ن اسان جي ملڪ جي نئين سر تعمير جي لاءِ ضروري تحريڪ پيدا ڪرڻ جو هڪ سٺو موقع?? آهي. صدر سمورن سياسي اڳواڻن پاران ڏنل بيانن کي پڻ ساراهيو ته هڪ برابري جو ميدان هجڻ گهرجي ڇو ته شموليت جو هي اهم ۽ واحد معاملو جم??ور??ت جي روح آهي.