بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي تر??ي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪ??و ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس جي صدر لوآن رائيچينگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي زرعي شعبي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چ??و ته حڪومت زرعي شعبي جي تر??ي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪ??و ويو آهي. پاڪستان نه رڳو زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر زرعي پيداوار جي پراسيسنگ ۽ روانگي واپار ۾ به اضافي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس (ڪوفڪو) جي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جي نگران وزيراعظم آجيان ڪئي.