بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??اڪ??تان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ، گوادر کي گڏيل رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. عظيم عوامي هال بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان ??اڪ??تان ۽ چين جي گهڻ رخي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سدا بهار تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ، پنهنج?? پراڻي ۽ ثابت قدم دوستي جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪاميابي ۽ بي آر آئي جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اڪ??تان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ گوادر کي رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ ??اڪ??تان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چيني صدر شي جن پنگ کيس يقين ڏياريو ته چين ??اڪ??تان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ اسان جي جاگرافيائي بيهڪ جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقائي واپار ۽ معاشي مرڪز جي طور تي اسان جي حمايت جاري رکندو جيڪو اسان جو گڏيل ويزن آهي، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان جلد ??اڪ??تان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن خوشي سان قبول ڪري ورتو.