اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ??يو آهي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون ??ي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي فروغ ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر شهزاد شوڪت، سيڪريٽري علي عمران سيد سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ??ني. هن ??يو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشري جو قيام ممڪن نه آهي. هن ??يو ته وڪيل بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. نوان چونڊيل عهديدار آئين جي بالادستي ۽ قانون ??ي حڪمراني جي لاءِ پنهن??و اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سپريم ڪورٽ بار جو فاتح پينل وڪي?? برادري جي مسئلن ??ي حل سميت اهم عدالتي معاملن ۾ مثبت ۽ موثر ڪردار ادا ڪندو.