لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي ??ي ??ي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ٻڌايو ويو آهي ته شاهدره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪ??و ويو آهي ۽ اهو منصوبو ??سم??ر تائين مڪمل ڪ??و ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ تعمير هيٺ اماميه ڪالوني شاهدره فلائي اوور جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي ان منصوبي جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لاهور فيصل آباد ريلوي لائين جي مٿان اماميه فلائي اوور ٺاهيو پيو وڃي، شاهدره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪ??و ويو آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته اماميه ڪالوني شاهدره فلائي اوور 18 مهينن جو پراجيڪٽ هو ج??ڪو پنجاب حڪومت جي تعاون سان ساڍي 6 مهينن ۾ م??مل ٿي ويندو، ??سم??ر 2023ع تائين اهو منصوبو مڪمل ڪ??و ويندو. نگران وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي بهتر اڳڀرائي جي لاءِ پنجاب حڪومت کي ساراهيو.