اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي ??زير مدد علي سنڌي سان ناليوار گلوڪار ۽ زندگي ٽرسٽ جي باني شهزاد راءِ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر نيشنل ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) مريم چغتائي ان سان گڏ هئي. وفاقي ??زير شهزاد راءِ جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تعليمي سڌارن لاءِ ان جي ڪردار کي خاص طور تي سنڌ جي صوبائي نصاب ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي شموليت تي وفاقي ??زير شهزاد راءِ کي داد ڏني. هن چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ان جو تعاون انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وفاقي ??زير چيو ته شهزاد راءِ جي ڪوششن سان سنڌ حڪومت سڄي صوبي جي سرڪاري استادن لاءِ زندگي ٽرسٽ جي تيار ڪيل نئين استاد ٽيچر پرفارمنس ايويلو ايشن فارميٽ جي منظوري ڏني، ان سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي به ان کي تسليم ڪيو، جس??اني سزا کي ڏوهه قرار ڏيندي قانون منظور ڪيو. شهزاد راءِ وفاقي ??زير کي زندگي ٽرسٽ جي تعاون ۽ مقصد جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ سمور?? ٻارن تائين تعليم کي قابل رسائي بڻائڻ لاءِ زندگي ٽرسٽ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ڪوششن جي تسلسل ۾ شهزاد راءِ مدد علي سنڌيءَ کي اسلام آباد جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ شطرنج، آرٽس خاص طور تي موسيقيءَ تي خصوصي ڪورسز تيار ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ جي تجيوز پيش ڪئي. هن چيو ته زندگي ٽرسٽ بين الاقوامي شطرنج فيڊريشن سان ملي ڪلاس 3 کان 8 جي شاگردن لاءِ هڪ نصاب تيار ڪيو آهي. شهزاد راءِ چيو ته اهڙي طرح جي ڪورسز کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شطرنج ۽ ٻين آزاداڻين فنن سا?? ٻارن کي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ ۽ وڌائڻ جي قابل بڻائي ٿو. وفاقي ??زير جي هدايت تي اين سي سي زندگي ٽرسٽ سان ملي گريڊ 3 کان گريڊ 8 جي شاگردن کي شطرنج ۽ موسيقي جا اوزار سيکارڻ تي توجهه ڏ??ندڙ نصاب تيار ڪندو ۽ ان کي گريڊ 9 ۽ 10 جي شاگردن لاءِ تيار ڪندو. هن چيو ته اين سي سي ذريعي اهڙي چونڊ ڪورسز تيار ڪرڻ گهرجي جنهن کي ايف ڊي اي لاڳو ڪري سگهي. هن چيو ته ضروري آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ غير نصابي سرگرمين کي باضابطه طور پڙهايو وڃي ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي.