اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??طلاعات ۽ نشريات واري وز??رت کي ”اڊاپٽ اي فيملي پر??گرام“ جهڙن منصوبن بابت آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي پر??گرام غربت جي خاتمي لاءِ موثر متبادل حڪمت عملي هجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، سماجي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام جو وسيع ڊيٽابيس انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??ان بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام جي چيئرپرسن ۽ اخوت فائونڊيشن جي باني ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ دنيا فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ميان عامر محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي دنيا فائونڊيشن ۽ اخوت فائونڊيشن جي گڏيل حصيداري سان ٿيندڙ ”اڊاپٽ اي فيملي پر??گرام“ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته اڊاپٽ اي فيملي پر??گرام غربت جي خاتمي لاءِ موثر متبادل حڪمت عملي هجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. نگران وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت کي ”اڊاپٽ اي فيملي پر??گرام“ جهڙن منصوبن بابت آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ماڻهن ۾ سماجي ڀلائي جي منصوبن بابت آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ انتهائي اهم آهي، سماجي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام جو وسيع ڊيٽابيس انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.