اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران و??اقي وزير مدد علي سنڌي وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت عورتن جي ڪوٽه 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪري ڇڏي. مدد علي سنڌي ني??ٽي?? طرفان پرائيم ??نسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي زوير فني تربيت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان پاڪستان جي نوجوانن جي ڀرپور صلاحيتن مان فائدو کڻون. هن پرائيم ??نسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايم ??اءِ ايس ڊي پي) کي ساراهيو ۽ـ چيو ته ان پروگرام جي اثرائتي ۽ عملي لاڳو ڪرڻ سان انتهائي مثبت نتيجا ملي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي پرائيم ??نسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام ۾ عورتن جي ڪوٽا 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪري ڇڏي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان موجوده سماجي چئلينجن تي ضابطو آڻي ته عورتن کي بااختيار بنائڻ هڪ اهم سنگل ميل آهي جنهن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن حڪم ڏنو ته سمورن معذور شاگردن جي ڪنهن به ڪوٽا کان سواءِ سيٽون ڏنيون وڃن. هن ني??ٽي?? کي ان جي سهولت لاءِ وڏن شهرن ۾ ر??ائ?? جو انتظام ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. ني??ٽي?? جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته موجوده پرائيم ??نسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام جي لاڳت تقريبن 10 ارب رپيا آهي. هن چيو ته ان پروگرام تحت هاڻ تائين 61 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي، جن مان 96 هزار هاءِ ٽيڪ ٽريننگ حاصل ڪئي آهي ۽ 64 هزار روايتي تربيت حاصل ڪري چڪا آهن. هن و??اقي وزير کي ٻُڌايو ته ان تريبت حاصل ڪندڙ افرادي سگهه ۾ روزگار جي شرح 71 سيڪڙو آهي. تعليم ??اري وزير کي بريفنگ ۾ ٻُڌايو ته ڪل تربيت وٺندڙ شاگردن مان 42 هزار عورتون آهن. وفاقي وزير کي صوبائي بريڪ ڊائون جي باري ۾ ٻُڌايو ته پنجاب مان 67 هزار، ڪي پي ڪي مان 20 هزار، سنڌ مان 38 هزار، بلوچستان مان 12 هزار ۽ گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد مان 22 هزار نوجوانن کي ٽرين ڪيو ويو آهي. مدد علي کي پرائيم ??نسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.