ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته پاڪستان بهترين جاگرافي??ئي بيهڪ جي لحاظ کان اهم واپاري سنگم تي واقع آهي، طرز حڪمراني لاڳيتو بهتر ٿي رهي آهي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽت??ئي آڻڻ ۽ آمدني ۾ اضافو اسان جو بنيادي مقصد آهي، ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ٽيڪس وصولي وڌائڻ ۽ آمدني ۾ اضافي جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افز??ئي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي تعاون فورم دوران پاٿ فائنڊرز بريڪ فاسٽ جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ ناليوارين پاڪستاني شخصيتن سان گڏوگڏ سڄي دنيا مان آيل دانشورن، ليکڪن، انساني ڀل??ئي جي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي رکندڙ عظيم ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي جاگرافي??ئي بيهڪ جي لحاظ کان اهم واپاري سنگم تي واقع آهي، پاڪستان پنهنجي جاگرافي??ئي بيهڪ جي بنيادن تي خطي ۾ رابطي جو ذريع?? آهي، قدرت پاڪستان کي بي پناهه نعمتن سان نوازي?? آهي، افغانستان به اسان جي پاڙي ۾ واقع آهي، جنهن کي علامه اقبال ايشيا جي دل قرار ڏنو ۽ اتي استحڪام جو پوري خطي تي اثر پوي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اي سي او جو به اهم ميمبر آهي. اسان جي ڀرپاسي ۾ چين ۾ 336 ٽريلين ڊالر جو واپار ٿي رهي?? آهي، جڏهن ته ان کان اڳتي نار تعاون ڪائونسل جي ملڪن جي هائيڊرو ڪاربن برآمدات ان جي معيشت کي مضبوط بڻ??ئي ڇڏي?? آهي. انهن وٽ سرمايو بي شمار آهي پر انهن جي آبادي گهٽ آهي جنهن جي ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ مان افرادي قوت گهرائڻي پوي ٿي ۽ ان جي لاءِ انهن کي پاڪستان بنگلاديش ۽ ڀارت مان افرادي قوت ميسر آهي. پاڪستان کي صنعتڪاري جي فروغ لاءِ وڌيڪ پرڪشش ۽ چٽاڀيٽي رکندڙ ۽ سهولت فراهم ڪندڙ ملڪ جي حيثيت حاصل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته چين ۾ جديديت جو سفر 1979ع کانپوءِ شروع ٿيو ۽ هُو پنهنجون ڪجهه صنعتون ٻين ملڪن ۾ منتقل ڪري رهي?? آهي ان جي لاءِ ڏکڻ ايشيا وچ اوڀر سان گڏ اهو ملڪ آهي جتي اهي صنعتون لڳايون وينديون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف نوعيت جا ڪلچر، زبانون، نسلي گروهه ۽ جاگرافي??ئي موجود آهي ۽ دنيا جي 8 کان 9 بلند ترين چوٽيون پاڪستان ۾ ئي موجود آهن. اهي چوٽي سِر ڪندڙن جي دلچسپي رکندڙن جي لاءِ انته??ئي ڪشش رکن ٿيون. ان سان گڏوگڏ اسان وٽ ٿر ۽ بلوچستان جا ريگستان ۽ پنجاب جو وسيع ميداني علائقو به آهي. اهو مختلف قسم جي جاگرافي??ئي جو هڪ اهڙو مجموع?? آهي جنهن پاڪستان کي مثالي اهميت وارو ملڪ بڻ??ئي رکي?? آهي ۽ پاڪستان سياحت جي لاءِ هڪ بهترين ملڪ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو انساني وسيلو اسان جو هڪ عظيم اثاث?? آهي، 24 ڪروڙ آبادي مان 60 سيڪڙو جي عمر 30 سال کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهي پاڪستان جي لاءِ هڪ ڀرپور توان??ئي جي حيثيت رکن ٿا. انهن کي رهنم??ئي جي ضرورت آهي. اٽڪل 15 لک افرادي قوت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي. اسان نوجوانن جي عالمي سطح تي ايڪريڊيشن جي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان سال??ان?? عالمي سطح تي تسليم ٿيل سال??ان?? 50 هزار نوجوان گريجوئيٽ فراهم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ طرز حڪمراني لاڳيتو بهتر ٿي رهي آهي، اسان کي چئلينجز درپيش آهن پر مون کي پڪو يقين آهي ته فيبروري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به چونڊيل حڪومت ايندي اها ان سلسلي ۾ مثبت انداز ۾ قدم کڻندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ ۾ ٽيڪس جي نظام کي بهتر بڻاي?? آهي، ٽيڪس جي وصولي جي لاءِ ڍانچاجاتي تبديليون ڪيون پيون وڃن. اسان کي ٻه اهم قدم کڻڻا آهن ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽت??ئي اچي ۽ آمدني ۾ اضافو ٿئي. اسان نجي شعبي جي به آمدني وڌائڻ جي لاءِ حوصلا افز??ئي ڪنداسين، انهن کان ٽيڪس جمع ڪنداسين، جنهن کي سماجي شعبي تي خرچ ڪيو ويندو. هي اهو ماڊل آهي جنهن تي اسان کي دنيا جي ٻين ملڪن وانگر عمل ڪرڻ?? آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اردو جو شمار دنيا جي وڏين زبانن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان جي جامع ثقافت دنيا جي لاءِ دلچسپي جو سبب آهي. هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۽ پاٿ فائنڊرز گروپ سان اسان جي حصيداري مستقبل ۾ به جاري رهندي.