اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن ??ف پاڪستان جي ترجمان هارون شنواري چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ سخت حفاظتي انتظامن سان گڏ عام چونڊن لا??ِ ووٽنگ ??و عمل بنا رڪاوٽ ۽ پرامن طريقي سان جاري رهيو. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته تشدد ۽ ڌانڌلي جو ڪو به واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، چونڊ عمل پرامن طور منعقد ڪرڻ لا??ِ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لا??ِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لا??ِ پنهنجي لاڳاپيل پولنگ ??سٽيشنز تي وڃي رهيا آهن. هن چيو ته پولنگ ??سٽيشنز تي عوام جو ٽرن آئون تسلي بخش رهيو. اليڪشن ڪميشن ??ف پاڪستان شڪايتون داخل رڪڻ لا??ِ هڪ هيلپ لا??ين قائم ڪئي آهي. عوام هيلپ لا??ين تي ڪال ڪري پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ووٽرز 8300 تي ايس ايم ايس ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي ووٽ ۽ پولنگ ??سٽيشنز جا تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چئني صوبن ۾ 90 هزار 675 پولنگ ??سٽيشنز قائم ڪيون آهن.