اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي ب??او?? ڀٽو زرداري، نامزد ص??ر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلطي جو ازالو ممڪن نه آهي پر سنگين غلطي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو صحيح ڪرڻ مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ کي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ٿي??دي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي اتحاد ۽ ??رق?? جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.