گڏيل قومون-05 مارچ (اي پي پي) پاڪ??تا?? اسلامي ملڪن جي نمائندگي ??ند?? فل??طي?? جي صورتحال تي بين الاقوامي امن ڪانفرنس گُهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ٻه رياستي حل جي دائره ڪار ۾ فل??طي??ين جي اڻمٽ حقِ خوداراديت جي بحالي بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪ??تا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي فوري جنگبنديءَ جي مطالبي تي ٻَڌل سلامتي ڪائونسل جي 20 فيبروريءَ جي قرارداد تي آمريڪي ويٽو کانپوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ??ند?? چي?? ته عالمي برادريءَ کي غزه تي اسرائيلي اڳرائيءَ کي فوري روڪڻ لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي. پاڪ??تا??ي نمائندي آمريڪا طرفان قرارداد کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس ۽ غزه خلاف اسرائيلي اڳرائيءَ جي خاتمي ۾ عالمي برادريءَ جي ناڪاميءَ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ فل??طي??ي شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ گهڻو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. منير اڪرم گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان 193 رڪني جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ??ند?? چي?? ته گذريل 5 مهينن دوران غزه ۽ فل??طي?? جي ٻين هنڌن تي اسرائيلي اڳرائيءَ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مايوسي ۽ ڪاوڙ سان غزه ۾ فل??طي??ي عوام تي مڙهيل تاريخي ۽ نه ختم ٿيندڙ ظلمن کي ڏسي رهي آهي. غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب وڏي پيماني تي انگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ مذهبي ماڳن کي تباهه ڪيو ويو. هن غزه ۾ ناڪافي خوراڪ جي فراهمي ۽ ضروري خدمتن سبب غزه ۾ وڏي انگ تي غذائي کوٽ جي وڌندڙ خطري کان خبردار ??ند?? غزه ۾ انساني امداد جي فراهميءَ لاءِ جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. هن فل??طي??ي پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين اي آر ڊبليو اي کي ختم ڪرڻ ۽ عطيو ڏيندڙن طرفان اداري جي فنڊنگ روڪڻ جي اسرائيلي مطالبي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چي?? ته گڏيل قومن اندر مختلف ڌُرين سان گڏوگڏ عالمي برادريءَ جي ميمبرن طرفان اڳواٽ ڪوششن باوجود اڳتي به وڏن خطرن جا اشارا موجود آهن. ان سلسلي ۾ هن چي?? ته غزه ۾ وڏي پيماني تي ڏُڪار جو خطرو آهي، جنهن سان والاريل فل??طي??ي علائقي ۾ فل??طي??ين جي تمام وڏي انگ لاءِ خوراڪ جي ناڪافي فراهمي ۽ ضروري خدمتون آهن. منير اڪرم چي?? ته دنيا کي فل??طي??ي عوام جي حق خوداراديت واري حق جي حاصلات ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن مطابق 1967ع جي سرحدن تي ٻَڌل ان جي سرزمين تي پنهنجي آزاد ۽ خودمختار رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ بيت المقدس هجي.