اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اتي قابض ڀارتي فوج پاران انساني حقن ج?? خلاف ورزين ۽ ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آز??د ڪشمير جي وزيراعظم انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته عالمي برادري ڀارت تي انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي. ملاقات ۾ آز??د ڪشمير جي مجموعي صورتحال، ترقي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته آز??د ڪشمير ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن، سياحن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ آز??د ڪشمير جي سياحت جي شعبي کي ڀرپور صلاحيت تائين ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آز??د ڪشمير ۾ سياحت سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ معاشي سرگرمين جي فروغ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان آز??د ڪشمير جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو. آصف علي زرداري چيو ته آز??د ڪشمير جي نوجوانن کي جديد ترين هنر ۽ تعليم سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنرمند نوجوان آز??د ڪشمير جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ ۾ آز??د ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي مدد ڪري سگهي ٿو. صدر آز??د ڪشمير جي وزيراعظم ۽ سندس حڪومت کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو. آز??د ڪشمير جي وزيراعظم ان موقعي تي صدر کي آز??د ڪشمير جو دورو ڪرڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. صدر آز??د ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ تازين برساتن سان لاڳاپيل واقعن دوران قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آز??د ڪشمير جي حڪومت متاثر خاندانن جي مدد ڪندي.